پاڪستانسنڌ

ٻارڙي سان جنسي زيادتي بعد قتل جي ڪيس ۾ 10 شڪي گرفتار، ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار معطل

ملير: اغوا بعد جنسي زيادتي ڪري بيدرديءَ سان قتل ٿيل معصوم نينگري جي ڪيس ۾ 10 شڪي جوابدار گرفتار ڪيا ويا آھن، جڏهن ته لاپرواهي ڪرڻ تي قائد آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او، اي ايس آءِ ۽ وڏي منشي کي معطل ڪيو ويو آهي. خبر موجب قائد آباد واري علائقي ۾ اغوا بعد جنسي زيادتي ڪري بيدرديءَ سان قتل ٿيل نينگريءَ جي ڪيس ۾ پوليس 10 شڪي جوابدار گرفتار ڪري جاچ کي تيز ڪري ڇڏيو آھي. جڏهن ته معصوم نينگريءَ مُنيبا ڪيس ۾ لاپرواهي ڪرڻ تي قائد آباد ٿاڻي جي اي ايس آءِ ۽ وڏي منشي کي معطل ڪيو ويو آهي. نينگري جي والد موجب منهنجي نياڻيءَ کي گذريل ڏينهن بيدرديءَ سان قتل ڪري لاش گٽر ۾ اڇلايو ويو. منهنجي نياڻي چاچي جي گهر ويل هئي، جيڪا واپس نه موٽي، گذريل ڏينهن نياڻيءَ جو تشدد ٿيل لاش مليو آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدار وائکا ڪيا وڃن.

هوڏانهن صوبائي وزير شهلا رضا متاثر خاندان وٽ پهتي، واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. شھلا رضا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نينگريءَ تي وڏو تشدد ڪيو ويو آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ويندا. ايس ايس پي عرفان بهادر نينگري قتل ڪيس جي جاچ لاءِ ٻيهر واقعي واري هنڌ پهتو. ايس ايس پي عرفان بهادر پاران نينگريءَ جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ ٻيهر واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو ويو آهي. ايس ايس پي ملير موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، 10 ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي حراست ۾ ورتو آهي. هن چيو ته جوابدارن جا جزا وٺي چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويندا، ڪيس ۾ غفلت ڪرڻ تي ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي، جاچ ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪبي، متاثر خاندان کي انصاف ڏياريو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button