اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين جي خطاب تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان! 26 نومبر امپائر جي آڱر کڻڻ کان سواءِ گذري ويندو. هن چيو ته عمران خان جي سازش، سياست ۽ تماشا ختم ٿي ويا آهن، آزادي مارچ 2014 واري ڌرڻي وانگر ناڪام ٿي چڪو آهي، 26 نومبر تماشو ختم ٿيڻ جي تاريخ آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان يو اي اي ۽ برطانيا ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي تاريخ ناهي ڏني. حقيقي آزادي مارچ جو ڪوڙ بيگناهه ماڻهن ۽ يتيم ٻارن کي ماريو آهي. مريم اورنگزيب عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته 26 نومبر تي راولپنڊي نه پر برطانيا ۽ يو اي اي جي ٽڪيٽ بڪڪرائي. وفاقي وزير چيو ته قومي مفادن سان کيڏيو ويو جڏهن ته پرڏيهي پاليسي تباهه ٿي وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close