عمرڪوٽ: عمرڪوٽ جي پ پ اڳواڻ ۽ آبادگار ممتاز لاشاري پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھنيو آھي ته مبينه طور بااثر ارباب سميجو، عرس ۽ حبيب الله سميجو وارا اباڻي زمين تي قبضو ڪري خونريزي ڪرائڻ چاھين ٿا، جيڪي ڀاڙي تي آندل ھٿياربندن ذريعي زرعي زمين تي ۽ علائقي ۾ فائرنگ ڪرائي ڏھڪاءُ پکيڙي رھيا آھن. هن ٻڌايو ته جعلسازي وارن کاتن جي سازش ۾ ھنن سان گڏ الهڏتو لاشاري ملوث ھو، خبر پوڻ ۽ اسانجي اپيلن ۽ درخواستن تي اي ڊي سي ون عمرڪوٽ ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ اعلى عدالت به جعلسازي وارا کاتا رد ڪري ڇڏيا. ھن چيو ته ارباب سميجو، سندن ڀائرن عرس ۽ حبيب الله سميجو جعلسازي وسيلي ڪوڙا کاتا ٺارايا. ممتاز لاشاري وڌيڪ ٻڌايو ته ديهھ لاشاري ۾ زمين تي ارباب سميجو ۽ سندس ڀائرن پنھنجا ھٿياربند ويھاريا آھن. ھن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close