پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف عوامي تحريڪ جي ريلي

ميهڙ: سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاھه تعلقن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ميهڙ ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لعل جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ ساجد علي مهيسر، نور بانو ملاح، ضلعي صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقي اسپتال جي گيٽ کان سوين ڪارڪنن ريلي ڪڍي مختلف رستن جو گشت ڪري مک چوڪ گهنٽا گهر تي مظاهرو ڪيو، جنهن دوران احتجاج جلسي ۾ تبديل ٿي ويو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لعل جروار، نور احمد ڪاتيار، نور بانو ملاح، ايڊوووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت حڪمران سنڌ ۾ بهاري، بنگالي ۽ برمين کي آباد ڪري سندن ڊوميسائيل ٺھرائي ڪراچي ۾ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا، جيڪو شرمناڪ عمل آھي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ حڪمرانن جي ناقص پاليسي سبب هڪ طرف سنڌ قدرتي ۽ معدني وسيلن سان مالامال هجڻ باوجود به ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري، بدامني، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ بک بدحالي سبب عوام سخت پريشان آھي ته ٻئي طرف نوڪريون نه ملڻ ڪرڻ ڪري ڊگري يافتا نوجوان وڏيرن جي اوطاقن ۽ سرڪاري آفيسن جي درن جا چڪر ڪاٽي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. 2010ع جي مها ٻوڏ کانپو 2022 جي هٿرادو آيل برساتي ٻوڏ دادو ضلعي جي ميهڙ، خيرپورناٿن شاھه ۽ جوهي تعلقن ۾ وڏي تباهي آندي آهي، جنهن کي 3 مهينا گذرڻ باوجود حڪمرانن پرڏيهي امداد جي آسري ۾ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو، جنهن سبب اڃا تائين هزارين ٻوڏ متاثر خاندان دربدر ۽ مختلف بيمارين وگهي مري رهيا آھن. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا وڏا شھر دهشتگردن ۽ ننڍن شھرن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم آهي، جنهن سبب ڪاروباري ۽ واپاري ماڻھو محفوظ ناهن. سنڌ ۾ امن جي بحالي ۽ قوم جي حقن جي حاصلات لا جدوجهد جاري رکي ويندي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ اڳواڻ ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو، ايڊووڪيٽ عبدالخالق ٻگهيو، ھاري اڳواڻ غلام مصطفى چانڊيو، ايڊووڪيٽ ذوالفقار ميراڻي، علي حسن وڪو، ايڊووڪيٽ منصور چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button