
اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ خاصخيلي پاڙي جي رهواسي نوجوانن معشوق خاصخيلي، بدرالدين خاصخيلي، محبوب علي خاصخيلي، محمد بخش خاصخيلي، ابراهيم خاصخيلي، علي نواز خاصخيلي، اظهر الدين خاصخيلي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو ايس ايڇ او قادربخش خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. نوجوان معشوق خاصخيلي دانهيندي چيو ته ايس ايڇ او قادربخش نشي جي حالت ۾ مونکي رات جو ڪئبن تان بناجواز گرفتار ڪري سفينا پڙين جي ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪيو، مون کي گرفتار ڪري ايس ايڇ او 50 هزار روڪ امانت ۽ 20 هزار ڌنڌي جا کڻي ويو، هن هڪ موبائل به ڦُر ڪيو، ايس ايڇ او پنهنجي پرائيويٽ بورچي ۽ اهلڪارن سان گڏجي مارڪٽ ڪري ڪپڙا ڦاڙيا، ڪئبن تان پاڙي وارن سامهون پڪڙي باءِ پاس وٽان گرفتاري ظاهر ڪري ڪوڙ الزام لڳايو. هن چيو ته منشيات پوليس پنهنجي سرپرستي ۾ هلائي ٿي ۽ اسان غريبن کي پڪڙي ٿي. هن ايس ايس پي ٿرپارڪر کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.