پاڪستان

پرويز مشرف تي حملي ڪيس ۾ جوابدار رانا نويد کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اڳوڻي آرمي چيف ۽ اڳوڻي جنرل رٽائرڊ صدر پرويز مشرف تي ٿيل حملي واري ڪيس ۾ جوابدار رانا نويد کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. مليل ڄاڻ موجب جسٽس طارق مسعود جي سربراهي ۾ جوڙيل ٽھ رڪني بينچ ۾ جوابدار رانا نويد کي ٻڌال سزا پوري ٿيڻ باوجود آزاد نھ ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ جوابدار جي وڪيل حشمت حبيب دليل ڏيندي چيو تھ رانا نويد جي عمر قيد واري سزا پوري ٿي چڪي آهي، پر ان کي آزاد نھ ڪيو ويو آهي. هن عدالت کي ٻڌايو تھ عمر قيد جي سزا 14 سال آهي ۽ رانا نويد کي قيد ڪاٽيندي 20 سال ٿي ويا آهن. عدالت جوابدار جي وڪيل ۽ مخالف ڌر جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار رانا نويد کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي وفاق ۽ پنجاب حڪومتن جي آزادي خلاف ڪيل استدعا کي رد ڪيو آهي. ياد رهي تھ جوابدار رانا نويد کي 31 ڊسمبر 2003ع ۾ پنڊي حملي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کي سپريم ڪورٽ 2005ع ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button