![](https://s3.amazonaws.com/sindhexpress.com.pk/2022/04/death-body.jpg)
چيلهار:چيلهار ويجهو ڇڇي ترائي ڀرسان مٺي جي رهواسي 21 ورهين جي نوجوان پوپٽ پٽ صالحو ميگهواڙ جو وڻ ۾ ٽنگيل هٿ آيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لا سول اسپتال مٺي منتقل ڪري ڇڏيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته مائٽن جو چوڻ آهي ته دماغي توازن درست نه هجڻ ڪري پوپٽ خودڪشي ڪئي آهي. چيلهار پوليس جو چوڻ آهي ته لاش کي پوسٽ مارٽم لا مٺي اسپتال منتقل ڪيو آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪجهه چئي سگهجي ٿو.