پاڪستانسنڌ

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 9 نوان جاب اورينٽيڊ شعبا شروع ڪيا آهن: وي سي

ڄامشورو: مهاڻن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ آف فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز پاران ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2023ع لاءِ 9 نوان جاب اورينٽيڊ شعبا شروع ڪيا ويا آهن، جن جي مارڪيٽ ۾ تمام گهڻي گهرج آهي. نوجوان فرانزڪ اڪائونٽ اينڊ فراڊ ايگزامنيشن، ڊزاسٽر مئنيجمينٽ، پولٽري فارمنگ اينڊ مئنيجمينٽ، ڊيٽا سائنسز، پبلڪ هيلٿ، انگلش لينگويج ٽيچنگ، اڪنامڪس اينڊ فنانس ۽ ڪوسٽل اينڊ ميرين سائنسز ۾ 4 سالا بي ايس ڊگري مڪمل ڪري اهم سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ سٺيون نوڪريون حاصل ڪري سگهن ٿا، گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايلسا قاضي ڪئمپس حيدرآباد ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر ذريعي گُر سکي ڪامياب ڪاروبار پڻ ڪري سگهن ٿا.

ماهيگيري اهم شعبو آهي تاريخ ۾ ڏسجي ته دنيا ۾ پھريون ڪاروبار ماھيگيري/مڇي جي ڪاربار جو آھي. ھن چيو ته ڪراچي واهه جي ڀر ۾ واقع سنڌ يونيورسٽيءَ جي زمين تي ننڍا ننڍا تلاءَ ٺاهي مڇي پالي سگهجي ٿي، جنهن سان ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ ختم ڪرڻ وارين حڪومتي ڪوششن ۾ شامل ٿي سگهجي ٿو. ان موقعي تي ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري، پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ، ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، خالده فريال عالماڻي، عرفانه بيگم ملاح، احمد علي بروھي، اميد علي رند، عبدالرحمان نانگراج، ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊاڪٽر پنهل سومرو، ڊاڪٽر مهيش ڪمار کٽواڻي، جانِ عالم سولنگي، پروفيسر ڊاڪٽر فيض محمد بروھي ـ ڊاڪٽر رفيق احمد لاشاري، ڊاڪٽر رفعت سلطانا، ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا ۽ ٻيا ڪيترائي استاد ۽ شاگرد توڙي شاگردياڻيون موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button