ڏهرڪي: ڏھرڪي جي بلوچ ڪالوني مان 12 سالن جي نينگري زينت شيخ مبيناطور اغوا ٿي وئي. ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته نينگري زينت شيخ کي جھانزيب عرف جازو ۽ فاروق ڀٽو پنهنجي ساٿين سان گڏجي اغوا ڪري ويا آهن، پر ڏهرڪي ٿاڻي تي زينت جي اغوا ٿيڻ جي رپورٽ درج ڪرائڻ باوجود پوليس سندس نياڻي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي. هنن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس نياڻي کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close