اسلام آباد :اڳوڻو صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات لاءِ وزيراعظم هائوس پهچي ويو. اهم مقرري جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويا. جڏهن ته بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري ايندڙ 24 ڪلاڪن جي ڳالهه آهي. خبرموجب اڳوڻو صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات لاءِ وزيراعظم هائوس پهچي ويو. وزيراعظم شهباز شريف پهچڻ تي آصف زرداري جي آجيان ڪئي، اڳوڻي صدر وزيراعظم کان خيريت معلوم ڪئي. جڏهن ته شهباز شريف ڪَهي اچڻ تي سندس ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه ڏيهن اڳ ڪرونا وائرس جو شڪار ٿيو هو ۽ صحتيابي کانپوءِ هن وري ذميواريون سنڀاليون آهن.
ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف سان بچاءَ واري وزير خواجا آصف ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران اهم مقررين بابت صلاح مشورو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان بچاءَ واري وزير خواجا آصف جي اهم مشاورتي ملاقات جي موقعي تي وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ احمد خان پڻ موجود هو. ياد رهي ته خواجا آصف گذريل ڏينهن به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن دوران اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هئي. ملاقات کانپوءِ بچاءَ واري وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته وزيراعظم سان ملاقات مشاورتي عمل جو حصو آهي، جنهن ۾ اهم قومي معاملن ۽ مقررين بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻئي طرف خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته نئين آرمي چيف جي مقرري ايندڙ 24 ڪلاڪن جي ڳالهه آهي. بچاءَ واري وزارت وٽ اڄ سينيئر آفيسرن جا نالا اچي ويندا، ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ مقرري ٿي ويندي. آرمي چيف جي مقرري ڪُل 24 ڪلاڪن جي ڳالهه آهي.هن چيو ته سول ملٽري لاڳاپا درست آهن، سياست سان فوج جو واسطو آئين ۽ قانون موجب ٿي سگهي ٿو، ماضي جي لحاظ سان هاڻ فوج پنهنجو ڪردار نيوٽرل ڪري ڇڏيو آهي، جنرل باجوا سان ملاقات ٿيندي رهندي آهي.سندس چوڻ هو ته بچاءَ واري وزارت وٽ ايندڙ نالا شهباز شريف حوالي ڪنداسين، فيصلو ان کي ڪرڻو آهي، سينيئر فوجي آفيسرن جا نالا موڪلڻ جو حق جي ايڇ ڪيو کي آهي. هوڏانهن ايڪسپريس نيوز موجب پاڪ فوج ۾ اهم مقررين بابت سمري وزيراعظم هائوس کي ملي وئي آهي. وزيراعظم هائوس کي مليل سمري ۾ 6 ليفٽيننٽ جنرلن جا نالا شامل آهن، جن ۾ ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير، ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد، ليفٽيننٽ جنرل اظهر جا نالا شامل آهن. ذريعن موجب ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد، ليفٽيننٽ جنرل نعمان ۽ ليفٽيننٽ جنرل عامر جا نالا به سمري ۾ شامل آهن. ياد رهي ته حڪومت جي ايڇ ڪيو طرفان موڪليل سمري تي مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪندي ۽ آرمي چيف لاءِ هڪ نالن جي چونڊ ڪندي، جنهن جي منظوري صدر عارف علوي ڏيندو. ٻئي طرف حڪومت اتحادي پارٽين جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس 23 نومبر تي شام جو وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ اهم مقررين ۽ ٻين ملڪي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو.