پاڪستان

صدر رابطي ۾ آهي،اهم مقرري جي سمري تي اسان گڏجي کيڏنداسين:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ايندڙ عام چونڊن ۾ يقيني ڪاميابي جي دعويٰ ڪندي چيو اهي ته اقتدار ۾ مان ئي ايندس، اسان کي چونڊ مهم هلائڻ جي به ضرورت ناهي، اهم مقرري جي سمري بابت صدر سان رابطي ۾ آهيان ۽ هو مون سان مشورو ڪندو. پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان زمان پارڪ لاهور ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي، جنهن دوران عمران انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان ياترا لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي عمران خان چيو ته کيس ڊپ آهي ته حڪمران مُلڪ کي اوڏانهن وٺي ويندا جتان سڀ ڪجهه هٿن مان نڪري ويندو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڀلي ڪو به ڏاهو اچي، سياسي استحڪام کانسواءِ ملڪ جي معيشٽ ٺيڪ نٿي ٿي سگهي، سيڙپڪارن جو اعتماد رڳو اليڪشن ڪرائڻ سان بحال ٿيندو. عمران خان دعويٰ ڪئي ته کيس پاور ۾ اچڻو ئي آهي ۽ اليڪشن مهم هلائڻ جي به ضرورت ناهي. ٻئي طرف خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته صدر عارف علوي مون سان رابطي ۾ آهي. اهم مقرري واري سمري بابت آئون صدر سان رابطي ۾ آهيان ۽ هو مقرري واري سمري تي مون سان مشورو ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته اهم مقرري تي وزيراعظم جيڪڏهن هڪ روپوش کان صلاح مشورو وٺڻ لاءِ وڃي ٿو، مان ته پنهنجي پارٽي جو سربراهه آهيان ته صدر مون سان ضرور رابطو ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته آرمي چيف ڪير ٿو ٿئي، ان سان منهنجو ڪهڙو تعلق؟ جيڪو ميرٽ تي بهترين هجي ان کي مقرر ڪري ڇڏيو، مون کي ڪهڙا پنهنجا ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرائڻا آهن جو اليڪشن کٽڻ لا مدد کپندي، نواز شريف جنهن کي به آرمي چيف چونڊيندو اهو پهرين ڏينهن کان تڪراري ٿي ويندو، مون کي نواز شريف جي نيت تي شڪ آهي، هو اميد ڪري رهيو آهي ته اهڙو ماڻهو آڻيندو جيڪو عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي ڪيئن به ختم ڪري، صدر ۽ مون فيصلو ڪيو آهي ته اسان قانون جي دائري اندر رهي کيڏنداسين ۽ جيڪو به ڪنداسين ۽ اهو قانون اندر هوندو، هي سڀ 90 جي ڏهاڪي جا سياستدان آهن ۽ سندن وقت ختم ٿي چڪو آهي، هي رڳو اها اميد رکي سگهن ٿا ته اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن تي چڙهي اچن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button