اسلام آبادپاڪستان

جنرل عاصم منير ماضي جي فوجي سربراهن کان منفرد،حافظ قرآن سميت 5 خاصيتون

نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير کي او ٽي ايس سان تعلق، ٻن انٽيليجنس ادارن جي اڳوڻي سربراهه ۽ حافظ قرآن سميت 5 خاصيتون پاڪ فوج جي ماضي جي ٻين سربراهن کان منفرد بڻائين ٿيون، اهي خاصيتون ان کان اڳ ڪنهن به آرمي چيف ۾ نه رهيون آهن. تفصيل موجب عام طور تي لانگ ڪورس مان ايندڙ جنرل آرمي چيف بڻجندا آهن پر جنرل عاصم منير لانگ ڪورس بدران او ٽي ايس مان آيو آهي، لانگ ڪورس جو مطلب پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ ٿيندڙ 2 سالن جو ڪورس آهي، جتان تربيت حاصل ڪري پاڪ فوج جا آفيسر آرمي جو حصو بڻجندا آهن، ان جي ڀيٽ ۾ هڪ ٻيو ادارو او ٽي ايس يا آفيسرز ٽريننگ اسڪول سڏبو آهي، جيڪو پهريان ڪوهاٽ ۾ هوندو هو پر بعد ۾ منگلا منتقل ڪيو ويو، جنرل عاصم منير منگلا جي ٽريننگ اسڪول مان پاس آئوٽ ٿيڻ بعد فوج ۾ فرنٽيئر فورس رجمينٽ ۾ ڪميشن پاس ڪئي. ان کان اڳ ضيا جي دور ۾ او ٽي ايس پاس آئوٽ ڪندڙ جنرل عارف به فور اسٽار جنرل ٿيو هو پر آرمي چيف نه بڻجي سگهيو. جنرل عاصم منير 2014ع ۾ ڪمانڊر فورس ڪمانڊ ناردرن ايريا خدمتون نڀائڻ بعد 2017ع ۾ ڊي جي ملٽري انٽيليجنس جي عهدي تي مقرر ٿيو، آڪٽوبر 2018 ۾ ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ماڻڻ بعد کيس ڊي جي آئي ايس آئي مقرر ڪيو ويو. هو جون 2019 ۾ ڪور ڪمانڊر گجرانوالا جي عهدي تي مقرر ٿيو، جنرل عاصم آڪٽوبر 2021 کان جي ايڇ ڪيو ۾ ڪوارٽر ماسٽر جنرل طور فرض نڀائي رهيو هو. جنرل عاصم پهريون آرمي چيف آهي، جنهن قرآن پاڪ حفظ ڪيو آهي، کيس ننڍي عمر ۾ ئي قرآن مجيد حفظ ڪرڻ جو شرف حاصل آهي. هن ننڍي ڄمار ۾ راولپنڊي جي مدرسي دارالتجويد حفظ القرآن مان قرآن پاڪ حفظ ڪيو، جنرل عاصم جو والد به حافظ قرآن هو. آرمي چيف جنرل عاصم منير کي آفيسرز ٽريننگ اسڪول منگلا ۾ تربيت دوران بهترين ڪارڪردگي تي اعزازي شمشير سان نوازيو ويو، شمشير اعزاز اها اعزازي تلوار آهي جيڪو پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ڏني ويندي آهي. جنرل عاصم منير اهو پهريون آرمي چيف آهي، جيڪو ڪوارٽر ماسٽر جنرل جي عهدي تي به فائز رهيو. فوجي اصطلاح ۾ ڪوارٽر ماسٽر اهو عهدو آهي جيڪو فوجين کي مختلف ساز ۽ سامان فراهم ڪرڻ جو ذميوار هوندو آهي، اهڙي سامان ۾ هٿيار، بارودي مواد، فوجي گاڏيون، ورديون وغيره شامل هونديون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button