اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم ۽ صدر سان نئين آرمي چيف جون ڌار ڌار ملاقاتون

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف سان نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم شهبازشريف آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي مقرري بابت پنهنجو ردعمل ڏيندي چيو ته اهم مقرري جو فيصلو دٻاءُ جي باوجود ميرٽ تي ڪيو آهي ۽ سينيارٽي جي اصول کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان نئين آرمي چيف ۽ نئين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ڪالهه نئون آرمي چيف جنرل عاصم منير وزيراعظم آفيس پهتو. هن وزيراعظم شهباز شريف کي سليوٽ ڪيو ۽ وزيراعظم جنرل عاصم منير کي مقرري تي مبارڪباد ڏني. جڏهن ته وزيراعظم سان نئين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل ساحر شمشاد پڻ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنرل ساحر شمشاد کي به وزيراعظم مبارڪباد پيش ڪئي. هوڏانهن وزيراعظم شهبازشريف سان ڊي جي آئي ايس آئي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن مطابق ڊي جي آئي ايس آئي وزيراعظم کي سيڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني. ٻئي طرف وزيراعظم سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا وزيراعظم هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم جنرل نديم رضا جي وطن جي دفاع کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ آرمي جي اداري لاءِ خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان لاءِ اوهان جي خدمتن تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته اوهان جهڙي باوقار ۽ باصلاحيت آفيسر جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي عهدي تي نهايت شاندار خدمتون نڀايون. جنرل نديم رضا وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو. هوڏانهن وزيراعظم شهبازشريف آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي مقرري بابت پنهنجو ردعمل ڏيندي چيو ته اهم مقرري جو فيصلو دٻاءُ جي باوجود ميرٽ تي ڪيو آهي ۽ سينيارٽي جي اصول کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪيو. سينيارٽي جو اصول ادارن کي مضبوط بڻائي ٿو. سينيارٽي جي اصول تي فيصلو اداري جي مضبوطي سان ملڪ ۾ استحڪام جو سبب بڻجندو. هن اها ڳالهه خانگي ٽي وي جي هڪ سينيئر اينڪر سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪئي. خميس تي خانگي ٽي وي جي سينيئر اينڪر وزيراعظم شهبازشريف جي ٽيليفون تي کيس جنرل عاصم منير کي نئون آرمي چيف ۽ جنرل ساحر شمشاد کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف بئاڻ تي مبارڪن جو پيغام اماڻيو، جنهن تي وزيراعظم جواب ۾ سينيئر صحافي کي ٽيليفون ڪندي مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملڪي معاشي صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم اهو عزم ورجايو ته معاشي ملڪي معيشت کي مضبوط بنائڻ لاءِ قومي ڊائلاگ لاءِ تيار آهيان ۽ ان لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته معاشي مضبوطي اسان جي پهرين ترجيح آهي، ملڪ ۾ ڪنهن انتشار ۽ افراتفري جي گنجائش نه آهي. هن چيو ته انشاءالله معاملا اڳتي هلندا ۽ معيشت مضبوط ٿيندي. هوڏانهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نئين چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير به ملاقات ڪئي، کين مبارڪباد ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button