پاڪستانپنجاب

صدر ڊاڪٽر عارف علوي لاهور پهتو، عمران خان سان منو ڪلاڪ ملاقات

صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ فوج ۾ ٻن اهم مقررين بابت سمري ملڻ بعد اسلام آباد کان لاهور پهچي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صدر عارف علوي ۽ پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان زمان پارڪ واري رهائشگاهه تي ٿيل ملاقات ۾ اهم مقررين بابت آئيني، سياسي ۽ قانوني مامرا بحث هيٺ آيا. ان حوالي سان فواد چوڌري زمان پارڪ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته صدر عارف علوي ۽ عمران خان وچ ۾ اٽڪل 45 منٽن تائين ملاقات جاري رهي، جنهن ۾ اهم مقررين تي مقرري بابت آئيني، سياسي ۽ قانوني مامرا بحث هيٺ آيا، عمران خان ۽ صدر عارف علوي سمورن پاسن کان مقررين جو جائزو ورتو، جنهن بعد صدر اسلام آباد واپس هليو ويو، سمورا معاملا آئين ۽ قانون مطابق حل ٿيندا. ٻئي طرف ذريعن موجب ملاقات دوران عمران خان جو چوڻ هو ته اسان کي آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪرڻي آهي اسان جي ڪنهن اداري سان جنگ نه آهي. خانگي ٽي وي چئنل مطابق تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان صدر عارف علوي کي چيو ته اسان جي ڪنهن اداري سان جنگ ناهي، اسان کي آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪرڻي آهي، تنهن ڪري توهان ٻن اهم مقررين لا وزيراعظم آفيس مان موڪليل سمري تي آئين ۽ قانون مطابق ڏسي وٺو. هوڏانهن عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ٽيليفونڪ رابطو ڪري سياسي مامرن تي صلاح مشورا ڪيا ۽ موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ اهم مقررين جي حوالي سان عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جي سينيئر قيادت صلاح مشورو به ڪيو. عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اهم اجلاس ۾ اسد عمر، شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. صدر جي آمد کان اڳ تحريڪ انصاف جي قيادت اهم مقررين بابت صلاح مشورا ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button