اسلام آبادپاڪستان

جنرل باجوا ۽ جنرل نديم رٽائر،نون مقررين جا نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد : وفاقي سرڪار نئين آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي مقررين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن.نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ نئين چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل ساحر شمشاد جي مقررين جا گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آھن. وفاقي حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ساحر شمشاد مرزا جي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي طور مقرري 27 هين نومبر کان ٿيندي. نوٽيفڪيشن موجب ساحر شمشاد کي ٽن سالن جي مدي لاءِ عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت جي نوٽيفڪيشن موجب عاصم منير جي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف طور مقرري 29 هين نومبر کان ٿيندي، سندس آرمي چيف طور مقرري ٽن سالن لاءِ هوندي. جنرل عاصم منير 29 نومبر تي 17 هين آرمي چيف طور فوج جي ڪمانڊ سنڀاليندو. ان کانسواءِ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا جي رٽائرمينٽ جا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيا ويا آهن. نوٽيفڪيشن موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 29 نومبر ۽ جنرل نديم رضا 27 نومبر کان رٽائر هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button