اسلام آبادپاڪستان

عمران جي حياتي کي خطرو،اڄوڪو جلسو ملتوي ڪري:گهرو وزارت

اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جي جلسي ۾ دهشتگردي جو خطرو آهي، انڪري کيس مشورو آهي ته هو جلسو ملتوي ڪري ڇڏي. عمران جيڪڏهن نوازشريف ۽ شهباز شريف سان ملڻ چاهي ته اهي به انڪار نه ڪندا. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ لله چيو ته ڳجهن ادارن جي رپورٽ آهي ته پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ دهشتگردي ٿي سگهي ٿي. عمران خان کي مشورو آهي ته اڄ وارو جلسو ملتوي ڪري، جلسي گاهه جي سيڪيورٽي لاءِ ايڊوائزري پڻ جاري ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ڏکيائين جو حل، ڪاميابي ۽ ترقي جو راز آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۾ آهي. پاڪ فوج پاران پنهنجي آئيني ڪردار ۾ رهڻ جو اعلان ملڪ ۽ قوم جي بهترين مفاد آهي. هن چيو ته هڪ سياسي اڳواڻ ان کي چئلينج ڪيو، ڪوڙي آزادي جي نالي تي هڪ ڪوڙي جدوجهد شروع ڪئي. هٿياربند فوج کي مختلف طريقن سان تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پر عمران خان صاحب کي پنڊي مان چونڊن جي تاريخ نه ملندي. ن ليگ اڳواڻ چيو ته عمران خان وقت کان اڳ چونڊون چاهي ٿو ته سياستدانن سان ڳالهيون ڪري. اسٽيبلشمينٽ اوهان کي چونڊن جي تاريخ نه وٺي ڏيندي، اوهان گذريل ڪجهه مهينن کان جيڪو ڪجهه چيو ڪير به اوهان بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو. جيڪڏهن عمران خان کي اليڪشن جي تاريخ جي حوالي سان نواز شريف ۽ شهباز شريف سان ملڻ چاهي ته هو انڪار نه ڪندا. وفاقي وزير چيو ته ڊيڊ لاڪ ڳالهه ٻولهه سان ختم ٿيندا آهن، هن عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان سياستدان بڻجو ۽ پي ڊي ايم قيادت سان گڏ ويهو، اوهان سياسي مخالف دشمن نه، پر عمران خان چوي ٿو ته سياسي مخالفن سان گڏ ويهڻ بدران مرڻ کي ترجيح ڏيندس اهڙو رويو درست نه آهي. سياستدان جڏهن ڳالهيون ڪندا آهن ته ڊيڊ لاڪ ختم ٿي ويندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button