اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف کي فيض آباد تي جلسي جي اجازت،اسلام آباد جا رستا بند

راولپنڊي : پنڊي انتظاميا تحريڪ انصاف کي فيض آباد تي جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي. جڏهن ته اسلام آباد جا رستا سيل ڪيا ويا آهن. ضلعي انتظاميا پي ٽي آءِ کي جلسي جو اجازت نامو 56 شرطن سان گڏ جاري ڪيو، جنهن ۾ سڀ کان وڏي شرط فيض آباد کي 26 هين نومبر جي رات خالي ڪرڻو پوندو. جڏهن ته انتظاميا راولپنڊي پوليس کي جلسي لاءِ تمام سيڪيورٽي انتظام مڪمل ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان حوالي سان سرڪاري نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته انگلينڊ ۽ پاڪستان جي راولپنڊي ۾ ٽيسٽ ميچ شيڊول آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ انتظاميا سيڪيورٽي ادارن جي طئي ٿيل رستن کي استعمال ڪندو. عمران خان جلسي کان اڳ ۽ جلسي کانپوءِ سن روف واري گاڏي استعمال نه ڪندو. جڏهن ته علامه اقبال پارڪ کي ڪارڪنن کي ترسائڻ لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو. نوٽيفڪيش ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته رياست مخالف نعريبازي جي اجازت نه هوندي، ٽريفڪ پوليس جي جاري ڪيل ٽريفڪ پلان تي عمل يقيني بڻايو ويندو ۽ ڪنهن به جاني نقصان جي ذميوار جلسي جي انتظاميا هوندي. جڏهن ته ڊرون ڪيمرا جي استعمال جي اجازت نه هوندي. راولپنڊي انتظاميا اجازت نامي جون ڪاپيون لاڳاپيل ادارن ڏانهن موڪلي ڇڏيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button