اسلام آبادپاڪستان

نياڻي جي شادي جو خرچ پي ڀريندو ما نه:لاهور ها ڪورٽ

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ڌيءَ جي شادي جو خرچ والد جي ذميواري آهي ۽ ماءُ کان شادي جو خرچ ڪرائڻ قانوني اصولن جي خلاف آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس چوڌري اقبال شهري رياض جي پنهنجي اڳوڻي گهرواري ۽ نياڻي خلاف درخواست تي شنوائي ڪئي، عدالت ماتحت عدالتن جي فيصلي خلاف ڇوڪري جي والد جي اپيل خارج ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس چوڌري اقبال چيو ته ڌيءَ جي شاديءَ تائين پيءَ سندس سرپرست هوندو آهي، نياڻي جي شادي سرپرست لاءِ نه رڳو جذباتي لمحو هوندو آهي پر سندس شادي جو خرچ پڻ کيس ئي برداشت ڪرڻو پوندو آهي، ڌيءَ جي شادي جي خرچ ماءُ ڏانهن ڪيئن منتقل ٿي سگهي ٿو. عدالت چيو ته ڌيءَ کي پئسا ڏيڻ بدران رياض جو عدالت سان رابطو ڪرڻ سندس سنگدلي ظاهري ڪري ٿو. رياض پنهنجي ٻي زال جي پنجن نياڻين جا سمورا خرچ برداشت ڪري رهيو آهي، انڪري رياض جو ان ڌيءَ کي پئسا ڏيڻ کان انڪار ڇوڪرين ۾ فرق برابر آهي، شهري رياض ان ڌيءَ کي اڳوڻي گهرواري سان گڏ رهڻ جي سزا ڏئي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button