اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

کنڊ،بصر،چانور ۽ پٽاٽن سميت 19 کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون

اسلام آباد : شماريات کاتي جي رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران 19 شين جي اگهن ۾ واڌ جڏهن ته 9 شين جي قيمتن ۾ لاٿ آئي آهي. رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران بصر جي في ڪلو قيمت چار روپيا 48 پئسا، کنڊ جي في ڪلو اگهه ۾ هڪ رُپيو ويهه پئسا سميت پٽاٽن، تازي کير، چانورن، ٿوم، گوشت جي اگهن ۾ پڻ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هڪ هفتي دوران آنن جي في ڊزن اگهه ۾ 21 رُپيا 50 پئسا واڌ ٿي جڏهن ته جيئري ڪڪڙ 11 رُپيا 60 پئسا مهانگي ٿي وئي آهي. هفتي دوران ملڪ ۾ هفتيوار بنيادن مهانگائي جي شرح ۾ 0 ڏهائي 48 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن سالياني بنيادن تي هفتيوار مهانگائي جي شرح 30 ڏهائي 16 سيڪڙو رهي آهي. ملڪ ۾ گذريل ڇهن هفتن کان مهانگائي جي شرح ۾ واڌ وارو لاڙو رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button