اسلام آبادپاڪستان

نوازشريف سال ختم ٿيڻ کان اڳ وطن واپس اچي ويندو:خواجا آصف

اسلام آباد :بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف 2022ع ختم ٿيڻ کان اڳ وطن واپس اچي ويندو. بچاءَ واري وزير قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران شهرين جي حقن جي لتاڙ ڪئي وئي ته ان جي حفاظت ڪنداسين. احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي پر آئين ۽ قانون جي حد نه اورانگهي وڃي. هن چيو ته گذريل چار سال پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ جيڪو اسان جو حال ٿيو ڪو به هڪ ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو، ماڻهن جي سمجهائيندا رهيا آهيون ته هي حالتون آهن. خواجا آصف چيو ته حڪومت ٻين سيڪٽرز مان پئسا ڪڍي متاثرن کي ڏئي رهي آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ سياري ۾ رات گذارڻ امتحان آهي. ٻوڏ جي امداد لاءِ ڪنهن کان اهو سوال نه ڪيو ته ڪهڙي پارٽيءَ سان واسطو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button