حيدرآباد: عمرڪوٽ ۾ ارباب علي سميجو جي ٻني تي قبضي ۽ هٿياربند ويهارڻ خلاف سميجا ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ارباب علي سميجو کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، سندس زمين ۽ اوطاق تي شرپسند ماڻهن قبضو ڪري ورتو آهي. عمرڪوٽ انتظاميا پوليس، ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ ڊي سي ڪابه قانوني ڪارروائي ڪرڻ لا تيار ناهن، جوابدارن کي سياسي پٺڀرائي حاصل آهي، جوابدارن خلاف قدم نه کنيو ويو ته ڪنهن به وقت اڻ وڻندڙ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ خونريزي جو شديد خطرو آهي، ان ڪري ضلعي انتظاميا نوٽيس وٺي قبضاخورن خلاف ڪارروائي ڪري ۽ زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close