پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ بسن جا ڀاڙا وڌائڻ ۽ يونيورسٽي نه هجڻ خلاف شاگردن جو مارچ

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ تعليم جي اڻپوري سھولتن ۽ بسن جا ڀاڙا وڌائڻ خلاف شاگردن ۽ سول سوسائٽي پاران مارچ ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ميرپورخاص ۾ خودمختيار يونيورسٽي نھ ھئڻ، ميڊيڪل ڪاليج جو ڪم مڪمل نھ ھئڻ ۽ يونيورسٽي جي بسن جا ڀاڙا وڌائڻ خلاف شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن اسٽيشن چوڪ کان پريس ڪلب تائين دودو پنھور، متانت علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاگرد حقوق مارچ ڪيو، جنھن ۾ شاگردن جي والدين پڻ شرڪت ڪئي، شاگردن مظاهرو ڪري نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ڳالھائيندي شاگردن چيو تھ ميرپورخاص سنڌ جي واحد ڊويزن آھي، جنھن ۾ ڪا بھ سرڪاري سطح جي مڪمل يونيورسٽي ناھي، جنھن سبب ڊويزن جا لکين شاگرد انٽر پاس ڪرڻ بعد ڳرا خرچ برداشت نھ ڪرڻ سبب يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي وڃن ٿا، ميرپورخاص ۾ ميڊيڪل ڪاليج منظور ٿيل آھي، پر ان جي عمارت ڪيترن ئي سالن کان مڪمل ناھي ٿي سگھي. تازو ئي يونيورسٽين جي بسن جا ڪرايا 100 سيڪڙو وڌايا ويا آھن، جنھن سبب غريب شاگرد ھاڻ بسن ۾ بھ سفر ڪرڻ کان محروم ٿي رھيا آھن. شاگردن گهر ڪئي ته اسٽوڊنٽس يونين جي بحاليءَ لاءِ گھربل قدم کڻي ميرپورخاص ۾ ميڊيڪل ڪاليج، انجنيئرنگ ڪاليج ۽ مڪمل يونيورسٽي جوڙي تعليم جي زيور سان نوازيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button