سن: سن ڀرسان انڊس ها وي روڊ ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ وين جو سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. خبر موجب سن ڀرسان ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ حيدرآباد کان ايندڙ وين جو سامهون کان ايندڙ ڪار ۽ موٽرسائيڪل سان زور دار ٽڪر ٿي پيو. جنھن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سن جو رھواسي غلام عباس انصاري ۽ شھدادڪوٽ جو رھواسي نديم مڱريو فوت ٿي ويا. جڏهن ته سن رھواسي حب علي سولنگي، ظفر شاھه ۽ شھدادڪوٽ جو رھواسي شھزور گل مڱريو سخت زخمي ٿي پيا. جن کي مقامي ماڻهن تعلقا اسپتال مانجھند آندو. جڏهن تعلقا مانجھند اسپتال ۾ علاج جون سهولتون نه هجڻ ڪري زخمين حب علي سولنگي، وحيد انصاري ۽ شھزور گل مڱريو کي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. فوتي غلام عباس انصاري ايس يو پي سربراھه جلال محمود شاھه سان ملڻ لا وڃي رھيو ھو ته روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو.
جنهن جي جنازي نماز شاھه حيدر سنائي قبرستان ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ قومپرستن، سول سوسائٽي، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ سول سوسائٽي سن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن جي ايم سيد سيد جونئير، سيد تراب علي شاھه، نعمت الله شاهاڻي، عمران سنڌي، وقار جويو، ظفر شاھه، ڪامريڊ انور منگھار، مراد علي لنڊ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چور 3 ڀيرا مرحوم غلام عباس عرف ڪلو انصاري جي دڪان مان چوري ڪري ويا هئا. پوليس انصاف ڏيارڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، چورن جي ساٿاري سياسي پارٽين جي زور سان پوليس کي ماٺ ڪرايو ويو، سن جو امن امان تباھه ڪيو پيو وڃي، جنهن جي دانهن غلام عباس ايس يو پي سربراھه جلال محمود شاھه کي ڏيڻ وڃي رھيو ھو ته روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، جيڪڏهن ھن کي سن ٿاڻي تي انصاف ملي ھا ته ھي واقعو پيش نه اچي ھا. ھنن مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي، پوليس ۽ چورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.