پاڪستانسنڌ

سول ايوي ايشن اٿارٽي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل سميت مختلف عهدا ختم

ڪراچي: سول ايوي ايشن اٿارٽي جو نئون تنظيمي سرشتو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اهم عهدا ختم ڪيا ويا آهن، ان حوالي سان ڊي جي سي اي اي جي هدايت تي ڊائريڪٽر ايڇ آر نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، سي اي اي جي نئين تنطيمي ڍانچي ۾ اهم عهدو ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر پبلڪ رليشنز کي ختم ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته ڪيترن ئي شعبن کي به سي اي اي جي نئين تنظيمي سرشتي مان ڪڍيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته ايئرپورٽ مئنيجر سميت ٻين عهدن کي سي اي اي جي نئين ڍانچي کان الڳ ڪيو ويو جڏهن ته لائسنسنگ، ايئر وردنيس، فلائيٽس اسٽينڊرڊ، ايئرو اسپيس اينڊ ايرو ڊروم نئين تنظيمي ڊانچي جو حصو هوندا نوٽيفڪيشن مطابق ايئرو ميڊيڪل شعبن کي سي اي اي جي نئين تنطيمي سرشتي ۾ شامل رکيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button