پاڪستانسنڌ

سنڌ سرڪار برسات متاثرن کي ڪو رليف ناهي ڏنو:ثمر حيدر

راڌڻ: سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي راڌڻ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جا برسات متاثرن بابت اعلان ئي رهيا، عوام کي ڪو به رليف ناهي ملي سگهيو، ٿڌ اچڻ باوجود ماروئڙا کليل آسمان هيٺ حڪومت طرف واجهائين پيا، سنڌ سرڪار پاران اعلان ڪيو ويو ته هارين کي ٻڄ مهيا ڪنداسين، پر اهي به وڏيرا نوازي جي نظر ٿي ويو، حقيقي ماڻهن ڏسندا رهيا، وڏيرن جا ماڻهو ۽ ڪامورن جي ماڻهن کي ٻج ڏنو ويو، هارين سان ناانصافي برداشت نه ڪنداسين، حڪومت رليف فنڊ ۾ شفافيت آڻي. هن چيو ته بدامني عروج تي آهي، ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا، شهرن ۾ منشيات نوجوان نسل کي ديوار سان لڳائي ڇڏيو آهي، پوليس منشيات جي روڪٿام لا جوڳا قدم کڻڻ بدران پنهنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پوري آهي. ان موقعي تي ڪامريڊ ولي محمد، ڪامريڊ جونيئر مظهر جتوئي، اي ڊي بلوچ، دلشير لاشاري ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button