پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ مغوي نينگري فرار ٿي مائٽن وٽ پهتي، زوري شادي ڪرڻ جون دانهون

جهڏو: جهڏي ۾ اغوا ٿيل نينگري 7 مهينن بعد فرار ٿي مائٽن وٽ پهتي. متاثر نياڻي وارثن سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته اغوا ڪري زوري شادي ڪري بدپيشي تي مجبور ڪيو ويو، دانهن باوجود پوليس انصاف نٿي ڏياري. ان سلسلي ۾ جهڏو مان 7 مهينا اڳ اغوا ٿيل 14 سالن جي معصوم نينگري مائٽن وٽ پهچي جوابدارن خلاف احتجاج ڪيو. ميڊيا سينٽر جهڏو اڳيان احتجاج ڪندي 14 سالن جي نينگري صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ٻن جوابدار ڀائرن ۽ سندن مامي 7 مهينا اڳ اغوا ڪيو ۽ هڪ جوابدار سان زوري شادي ڪرائي مون تي دٻاءُ وجهي مائٽن خلاف بيان ڏياريو، ڄاڻايل ماڻهو مون کي قيد ۾ رکي بدپيشو ڪرائيندا هئا، مون انڪار ڪيو ته هنن مون کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، اهڙي ظلم کان تنگ ٿي گذريل رات موقعو ملڻ تي فرار ٿي مائٽن وٽ پهتي آهيان، آئون اهڙي دانهن کڻي آئون جهڏو ٿاڻي تي ويس، پر پوليس منهنجي رپورٽ داخل نه ڪئي. هن آئي جي سنڌ، ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ايس ايڇ او وومين ميرپورخاص کان گهر ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ مون کي تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button