پاڪستانسنڌ

پي ايس ٽي مان ايڇ ايس ٽي بڻيل 4 استادن خلاف ڪارروائي نه ٿي

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ 4 پرائمري استاد پي ايس ٽي مان غيرقانوني طور پروموشن حاصل ڪري ايس ايڇ ٽي بڻجي ويا، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري بلال ڪنڀار ۽ ڊي اي او پرائمري دوارڪو مل 2021-9-23 تي ان وقت جي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ميرپورخاص کي ليٽر لکي استادن جي غيرقانوني ٿيل پروموشن ختم ڪري ڪارروائي جي گھر ڪئي هئي. ھنن ليٽر ۾ لکيو ته ايجوڪيشن کاتي پرائمري سائيڊ جا چار استاد عباس ڪنڀار، آغا افتخار، خالد حسين ۽ ڀورو جاٽ غيرقانوني طور پروموشن حاصل ڪري ايڇ ايس ٽي جي پگھار حاصل ڪري رھيا آھن، جن مان ھڪ استاد ڀورو جاٽ رٽائر ٿي ويو آھي، ڄاڻايل استادن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف غيرقانوني طور پروموشن حاصل ڪرڻ واري معاملي کي 2 سال گذرڻ باوجود استادن خلاف ڪارروائي ناھي ٿي سگھي. رابطو ڪرڻ تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري بلال ڪنڀار چيو ته اسان غيرقانوني طور پروموشن وٺڻ وارن استاد خلاف ڪارروائي لاءِ ان وقت جي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن کي ليٽر لکي آگاهه ڪيو ۽ ڪارروائي جي اپيل ڪئي، پر استادن خلاف قدم نه کنيو ويو. اسان گڏيل طور ليٽر لکي مٿي آگاهھ ڪيو، ڪارروائي نه ٿيڻ جو سبب اسان کي خبر ناھي، ان بابت سيڪريٽري تعليم ۽ ڊائريڪٽر تعليم ئي ڪجھه ٻڌائي سگھن ٿا. ٻئي طرف موجوده ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ديدار حسين جلباڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هي معاملو منهنجي مقرري کان اڳ جو آهي، مون فائل گهرايا آهن، جلد انڪوائري ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button