پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو سامان وڪرو ڪرڻ تي مختيارڪار گرفتار

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو سامان وڪرو ڪرڻ تي تعلقي حسين بخش مري جي مختيارڪار کي گرفتار ڪيو ويو. ان سلسلي ۾برساتن بعد برسات متاثرن لاءِ آيل راشن، ڪمبل ۽ ٻيو سامان تعلقي حسين بخش مري جي مختيارڪار قيوم لغاري پاران 4 لک رپين ۾ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سامان خريد ڪندڙ ڌرين پاران ڊي سي آفيس سامان سميت پھچي ڊي سي زين العابدين ميمڻ کي شڪايت ڪئي، جنھن بعد ضلعي انتظاميا جي اطلاع تي ٽائون پوليس ڊي سي آفيس پھچي مختيارڪار قيوم لغاري کي گرفتار ڪرڻ بعد مبينا وڪرو ڪيل سامان تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. جڏهن ته ٽائون پوليس موجب گرفتار مختيارڪار کي اينٽي ڪرپشن پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي متاثر ماڻهن دانھيندي چيو ته اسان جا علائقا برساتي پاڻي ۾ ٻڏل ھجڻ باوجود اسان جي علائقي ۾ ڪو به امدادي سامان نه ورهايو ويو، اسان لاءِ آيل سامان مختيارڪار وڪرو ڪيو آهي، اھڙي ڪرپٽ ڪاموري خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button