پاڪستانسنڌ

سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي 26 ئي ميمبرن جون استعيفائون تيار

سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي سمورن 26 ميمبرن استعيفائون تيار ڪري ورتيون، جيڪي عمران خان طرفان حڪم ملڻ بعد اسيمبلي ۾ جمع ڪرايون وينديون. سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ خرم شير زمان دعويٰ ڪئي آهي ته سڀني 26 ميمبرن استعيفائون ڏئي ڇڏيون، هاڻي عمران خان جڏهن به چوندو ته اهي استعيفائون سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪرائينداسين. خرم شير زمان استعيفائون وصول ڪرڻ جي تصديق ڪئي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ موجود 26 ئي ميمبرن عمران خان جي چوڻ تي استعيفائون ڏنيون آهن، ان حوالي سان اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ به صورتحال کان آگاهه آهي، سيٽون عمران خان جي امانت آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button