پاڪستانپنجاب

تحريڪ انصاف قيادت پنجاب ۽ خيبر پختونخوا اسيمبليون ٽوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

تحريڪ انصاف جي قيادت پنجاب ۽ خيبر پختونخوا اسيمبليون ٽُوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، حتمي اعلان ڪجهه ڏينهن ڪرڻ جو امڪان آهي، فواد چوڌري چوي ٿو ته جمعي تي پي ٽي آ پنجاب ۽ ڇنڇر تي پختونخوا جو پارلياماني اجلاس ٿيندو، جنهن بعد ٻنهي اسيمبلين کي تحليل ڪيو ويندو. تفصيل موجب لاهور ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا اسيمبليون ٽوڙڻ واري فيصلي جي توثيق (منظوري) ڏني وئي. سامهون آيل اندروني ڪهاڻي موجب صوبائي اسيمبلين مان استعيفائن جي معاملي تي ٿيل مشاورتي اجلاس ۾ اسد عمر، شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري، محمود خان، عثمان بوزدار، سبطين خان، شفقت محمود، ڊاڪٽر ياسمين راشد، عاطف خان، قاسم سوري، تيمور جهڳڙا، فردوس شميم نقوي، ميان محمود الرشيد ۽ ٻيا سينيئر اڳواڻ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي بابر اعواڻ ۽ بئريسٽر علي ظفر اجلاس کي بريفنگ ڏئي صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ تي آئيني ۽ قانوني رُخن بابت آگاهه ڪيو، اجلاس ۾ اها راءِ سامهون آئي ته جيڪڏهن اسيمبلين تان استعيفائون ڏنيون ويون ته امپورٽيڊ حڪومت مڙهجي ويندي، ڪجهه ميمبرن چيو ته نگران سيٽ اپ تائين هاڻوڪا وڏا وزير ئي برقرار رهن، نگران سيٽ اپ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏجي فيصلو ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن نگران سيٽ اپ تي اتفاق نه ٿيو ته فيصلي جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ هوندو. تحريڪ انصاف ميمبرن جو اجلاس ۾ چوڻ هو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن کي اختيار مليا ته ان سان پي ڊي ايم کي فائدو ٿيندو، ميمبرن جي اڪثريت صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز ڏني. خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان چيو ته پارٽي چيئرمين عمران خان جيڪو فيصلو ڪندو، ان تي جيئن جو تيئن عمل ٿيندو. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان موجوده صورتحال تي وڌيڪ صلاح مشوري جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ سندس پٽ مونس الاهي کي به اعتماد ۾ وٺڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ ۽ سينيئر قيادت ۽ ميمبرن حتمي فيصلي جو اختيار عمران خان کي ڏئي ڇڏيو. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري اجلاس مڪمل ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ ٻن اجلاسن بعد صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏينداسين، عمران خان جي خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان سان ملاقات ٿي چڪي آهي، اڱاري تي چوڌري پرويز الاهي به ملاقات ڪندو، جڏهن ته پارلياماني بورڊ جوڙي ٽڪيٽن بابت عمل شروع ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته جمعي جي ڏينهن پنجاب ۽ ڇنڇر تي خيبر پختونخوا جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو اهي، ٻنهي اجلاس بعد اسيمبليون ٽوڙيون وينديون. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ اسد عمر به فواد چوڌري جي بيان جي تصديق ڪئي آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته عمران خان سينيئر قيادت ۽ خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سان مشورو مڪمل ڪري ورتو آهي، پرويز الاهي سان ملاقات ۽ پنجاب توڙي پختونخوا جي پارلياماني پارٽي سان مشوري بعد ٻنجي صوبن ۾ اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button