پاڪستان

آرمي چيف جون صدر ۽ وزيراعظم سان الوداعي ملاقاتون،فوج غير سياسي رهڻ واري فيصلي تي ثابت قدم رهندي:جنرل باجوا

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان الوداعي ملاقاتون ڪيون آهن. جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پروپئگنڊا ۽ ڪوڙي بيانيي باوجود پاڪ فوج غير سياسي رهڻ واري فيصلي تي ثابت قدم رهندي. تفصيل موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا اڄ پنهنجي ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ تي رٽائر ٿي رهيو آهي، پاڪ فوج جي ڪمانڊ جي تبديلي جي تقريب پڻ اڄ منعقد ڪئي ويندي. ڪمانڊ جي تبديلي جي تقريب ۾ جنرل قمر جاويد باجوا ڪمانڊ جي ڇڙي جنرل عاصم منير حوالي ڪندو ۽ جنرل عاصم منير پاڪ فوج جي نئين سربراهه جي حيثيت سان ذميواريون سنڀاليندو. رٽائر ٿيڻ کان اڳ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا صدر عارف علوي سان ايوان صدر ۽ وزيراعظم سان پي ايم هائوس ۾ الوداعي ملاقاتون ڪيون. عارف علوي، جنرل قمر جاويد باجوا جي دفاعي شعبي ۾ خدمتن کي ساراهيو ۽ سندس ملڪ ۽ پاڪ فوج لاءِ خدمتن جي به تعريف ڪئي، هن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. جڏهن ته وزيراعظم آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي پاڪ آرمي، ملڪي دفاع ۽ قومي مفادن لا خدمتن جي واکاڻ ڪئي. شهباز شريف چيو ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ، ڪرونا وبا ۽ ٻوڏ سميت مختلف بحرانن مان جنرل قمر جاويد باجوا جي قيادت ۾ آرمي مثالي خدمتون انجام ڏنيون. هن چيو ته دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لا جنرل قمر جاويد باجوا جي اڳواڻي ۾ آرمي وڏي دليري سان ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جنرل قمر جاويد باجوا تاريخ جي هڪ مشڪل مرحلي تي پاڪ آرمي جي قيادت ڪئي، هن پاڪستان جي بچا کي ناقابل شڪست بڻائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو. ٻئي طرف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته هڪ طبقو فوج کي غيرسياسي بڻائڻ واري فيصلي تي ناڪاري آهي، پروپئگنڊا ۽ ڪوڙي بيانيي باوجود پاڪ فوج غير سياسي رهڻ واري فيصلي تي ثابت قدم رهندي. پرڏيھي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ ھو تھ ملڪ ۾ اندروني ڏڦيڙ تي ضابطو آڻڻ لاءِ پاڪ فوج هميشه ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪ فوج عسڪري سفارتڪاري ذريعي عالمي سياست ۾ توازن برقرار رکيو. آرمي چيف چيو ته فوج کي غير سياسي رهڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن تنقيد جو نشانو بڻايو، فوج جي غيرسياسي رهڻ سان جهموري قدرن کي هٿي ملندي، فوج پروپئگنڊا ۽ ڪوڙن بيانن باوجود غير سياسي رهڻ جي پنهنجي فيصلي تي قائم رهندي، فوج کي غير سياسي ڪرڻ سان پاڪستان ۾ سياسي استحڪام ايندو. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته غير سياسي رهڻ سان فوج جا عوام سان لاڳاپا مضبوط ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button