پاڪستانسنڌ

شهدادپور جي ملدسي شاخ ۾ معصوم نينگر ڪري ٻڏي فوت

شھدادپور: شھدادپور جي ملدسي شاخ ۾ ٻارڙو ٻڏي فوت ٿي ويو. شھدادپور ويجھو ملدسي شاخ ۾ ڳوٺ چنيسر باگراڻي جو رهواسي 8 ورهين جو ٻارڙو وجي ڪمار ولد منو ڀيل شاخ جي بند تان ڪري شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. اطلاع تي علائٔقي واسين لاش شاخ مان ٻاهر ڪڍي شھدادپور انسٽيٽوٽ ميڊيڪل سائنسز اسپتال پھچايو. جتي ڊاڪٽرن ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button