پاڪستانسنڌ

صحتمند معاشري جي قيام ۾ استاد جو وڏو ڪردار آهي:غلام رسول مهر

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ پرائمري استاد يعقوب نهڙي جي رٽائر ٿيڻ بعد سندس مان ۾ يوسي جهلوري جي استادن ۽ نهڙيا برادري پاران مقامي حال ۾ الوداعي پارٽي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ خاص مهمان پ ٽ الف جي مرڪزي صدر غلام رسول مهر، انتظار ڇلگري، رفيق جروار، غازي خان جمالي، شڪور سارنگ، اڪبر سومرو، تعليم کاتي جي عملدارن، استادن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي استاد اڳواڻن ۽ تعليم کاتي جي عملدارن چيو ته صحتمند معاشري جي قيام ۾ استاد جو وڏو ڪردار هوندو آهي، جيڪو ايندڙ نسلن کي تعليم جي شعور سان سينگاري معاشري ۾ هڪ بهترين شخص کي متعارف ڪرائي ٿو، اسان وٽ سنڌ ۾ محنتي استادن جي وڏي تعداد آهي، جيڪي پنهنجي ذميوارين کي بهترين نموني ادا ڪري پاڻ ملهائي رهيا آهن، اهڙي طرح ميرپورخاص ضلعي ۾ استاد يعقوب نهڙي ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي، هن پنهجي ڊيوٽي دوران ڪيترن ئي اهڙن شاگردن کي تعليم جي زيور سان نوازيو، جيڪي هن وقت مختلف شعبن ۾ اعلى عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته والدين سان گڏ ٻارن جي تربيت ۾ استادن جو اهم ڪردار هوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button