پاڪستانسنڌ

عمران خان جي سياسي راند پڄاڻي تي پھچي چڪي آھي:نويد ڏيرو

سنجهورو: پ پ سدائين جمهوريت لا ڪم ڪيو آھي، عوام خاطر پ پ جون وڏيون قربانيون آهن، اڄ پ پ جو يوم تاسيس اسان ڀرپور نموني سان ملهائينداسين، عمران خان جي سياسي راند پڄاڻي تي پھچي چڪي آھي. يوم تاسيس جو ڏھاڙو اسان کي ھڪ نئين جدوجهد ڪرڻ جو عزم ڏيندو آهي، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو ھن ملڪ جي عوام خاطر جان جون قربانيون ڏنيون. اهڙن خيالن جو اظھار ايم اين اي نويد ڏيرو ۽ پ پ تعلقي سنجهورو جي صدر شير محمد رند سنجهورو رند هائوس تي يوم تاسيس جي پروگرام جي حوالي سان ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ گئس جو هٿرادو بحران ختم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ راجا آفتاب لغاري، ساجد جعفري، علي گل رند، سائين بخش لغاري، آصف وڙائچ، سڪندر لغاري، حاجي راڻا انور راجپوت، حاجي انور رند، علي گل دزڪاڻي، خادم ٻرڙو، شمس الدين لغاري، فرمان لغاري، غلام عباس خاصخيلي، گل شاھه پٺاڻ ۽ شير محمد خاصخيلي سميت سمورين يوسيز جي پ پ اڳواڻن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button