اسلام آبادپاڪستان

ريڪوڊڪ ريفرنس:بنيادي حقن جي معاملي ۾ محتاط رهنداسين:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ريڪوڊڪ صدارتي ريفرنس تي شنوائي مڪمل ڪري ورتي، ريفرنس تي راءِ ايندڙ هفتي ٻڌي ويندي. چيف جسٽس آف پاڪستان شنوائي دوران ريمارڪس ڏنا ته ريڪوڊڪ ڪيس ۾ حقيقت اها آهي ته ڪيترن ئي ارب ڊالرن جو ڏنڊ پاڪستان تي آهي. صدر ريڪوڊڪ معاهدي جي قانوني چئلينجن تي راءِ گهري آهي. عدالت بنيادي حقن جي معاملي ۾ محتاط رهندي، ريڪوڊڪ معاهدي ۾ وفاقي حڪومت آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪئي. خوشي آهي ته ريڪوڊڪ معاهدي ۾ عالمي معيار جي پاسداري جي خاطري ڪرائي وئي آهي. عدالتي مددگار سلمان اڪرم راجا چيو ته عدالت ريڪوڊڪ معاهدي ۾ ڌر ناهي ته ان تي مهر لڳائي، معاهدي جي ملڪيت سياسي قيادت وٽ ئي رهڻ ڏني وڃي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته معاهدي ۾ قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي تي عدالت راءِ ڏئي سگهي ٿي. سٺي ڳالهه آهي ته سمورا وڪيل ان ڳالهه تي متفق آهن ته ريڪوڊڪ شفاف ۽ عوامي معاهدو آهي. عدالتي مددگار فروغ نسيم دليلن ۾ چيو ته عدالت معاهدي جي مالي نه قانوني معاملن تي راءِ ڏئي ۽ نظر ۾ رکيو وڃي ته پاڪستان تي تقريبن 10 ارب ڊالرن جو ڏنڊ لاڳو آهي. پاڪستاني عوام سپريم ڪورٽ تي انڌو اعتماد ٿو ڪري. جڏهن مان لنڊن ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هيس ته پڇيو ويو پاڪستان ۾ مارشل لا جي منظوري سپريم ڪورٽ ڇو ڏيندي آهي؟ مون جواب ڏنو ته پاڪستان ۾ ماڻهو آئيني قدمن کي تسليم ڪندا آهن، سپريم ڪورٽ جڏهن مارشل لا کي آئيني قرار ڏيندي آهي ته عوام ان کي مڃيندو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ سڀني ڌرين جا دليل مڪمل ٿي ويا، صدارتي ريفرنس تي راءِ ايندڙ هفتي ٻڌائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button