اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ 25 لک ٻار مزدوري ڪن ٿا:قومي ڪميشن

اسلام آباد :ٻارڙن جي حقن جي تحفظ بابت قومي ڪميشن پاران جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ 25 لک ٻار محنت ۽ مزدوري ڪن ٿا ۽ هي انگ ڪل ٻارڙن جي آبادي جو 16 سيڪڙو آهي. ڪميشن مطابق ٻارڙن کي محنت کان روڪڻ ۽ تشدد کان بچائڻ لاءِ قانون ته موجود آهن پر عمل نٿو ٿئي. ٻارڙن جي تحفظ بابت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي قانونن ۾ هم آهنگي آڻڻ جي ضرورت آهي. قومي ڪميشن جي چيئرمين افغان تحسين ٻڌايو ته ڊوميسٽڪ ليبر ۽ ٻارڙن تي تشدد روڪڻ لاءِ ڪميشن ايڪٽو ٿي وئي آهي ۽ هن وقت تائين 250 شڪايتن جي شنوائي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته يونيسيف مطابق پاڪستان ۾ 5 کان 16 سالن جي عمر جا 2 ڪروڙ 28 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. ليگل ايڊوائيزر قومي ڪميشن لائبه قيوم چيو ته ٻارڙن تي وڌندڙ تشدد جي واقعن جو سبب قانونن تي مناسب عمل جو نه ٿيڻ آهي. قومي ڪميشن چيو ته پاڪستان ۾ ٻارڙن کي جيل ۾ رکڻ بدران کين بحالي مرڪزن ۾ رکيو وڃي ته جيئن اهي ڏوهن کان پري رهن ۽ کين مختلف مهارتون به سيکاري سگهجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button