اسلام آبادپاڪستانپنجاب

پنجاب ۾ مڪاني چونڊون اپريل جي آخري هفتي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن پنجاب مڪاني چونڊون اپريل جي آخري هفتي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون اپريل جي آخري هفتي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اليڪشن ڪميشن ٽيون ڀيرو مڪاني تڪبنديون ڪرائي رهي آهي. هنيئر تائين مڪاني قانون جا رولز ۽ نقشا فراهم ناهن ڪيا ويا، جنهن تي الڪيشن ڪميشن پنجاب سرڪار کي رولز جي ڪاپي ۽ نقشا صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ ضلعي اليڪشن ڪمشنرز ڏي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته قانون ۾ وڌيڪ تبديلي ٿي ته اختيار استعمال ڪري مڪاني چونڊون ڪرائينداسين، پنجاب ۾ دير واري حربن سبب مڪاني چونڊون ناهن ٿي سگهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button