اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم شهبازشريف سان جنرل عاصم منير ۽ جنرل ساحر شمشاد جي ملاقات

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف سان چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير ملاقات ڪئي آهي. چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي عهدي سنڀالڻ کانپوءِ هي وزيراعظم سان پهرين ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي کي مقرري تي مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي ملاقات ۾ پاڪ فوج جي پيشوراڻي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪ فوج جي قيادت ڪرڻ هڪ وڏو اعزاز آهي، عوام ۽ فوج وچ ۾ اعتماد ۽ محبت جا رشتا وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ اميد آهي ته توهان جي قيادت ۾ هٿياربند فوج ملڪي سيڪيورٽي کي پيش چيلينجز کي وڌيڪ بهتر طريقي سان مقابلو ڪندي. هن چيو ته پاڪ فوج جي پيشوراڻي صلاحيتن تي پورو اعتماد آهي. مادر وطن جو تحفظ سلامتي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار تي سموري قوم کي فخر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button