اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان پاڻي جي سنگين کوٽ جو شڪار،رڳو 30 ڏينهن جو پاڻي بچيو

اسلام آباد : پاڻيءَ جي کوٽ ته سڄي دنيا لاءِ سنگين مسئلو آهي ۽ پاڪستان پڻ اهڙن ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي جيڪي پاڻي جي سنگين بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن. واپڊا اختيارين چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي جي في ڪس موجودگي 908 ڪيوبڪ ميٽر ساليانو جي ڳڻتي جوڳي سطح تائين ڪِري چڪي آهي، جيڪو تمام گهٽ مقدار آهي. خاص طور تي جيڪڏهن ان جي ڀيٽ سال 1951ع سان ڪئي وڃي. 1951 ۾ پاڻي جي في ڪس موجودگي پنج هزار ڇهه سئو پنجاهه ڪيوبڪ ميٽر ساليانو هئي. واپڊا موجب پاڪستان پنهنجي دريائن ۾ ايندڙ ساليانو پاڻي جو رڳو ڏهه سيڪڙو ذخيرو ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته دنيا ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي سراسري صلاحيت 40 سيڪڙو آهي. اختيارين موجب پاڪستان ۾ ذخيري ٿيل پاڻي ذريعي ملڪ جي رڳو 30 ڏينهن جون گهرجون پوريون ڪري سگهجن ٿيون. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ ڀارت پنهنجي ذخيري ڪيل پاڻي ذريعي 170 ڏينهن، مصر 7 سئو ڏينهن ۽ آمريڪا 9 سئو ڏينهن تائين گهرجون پوريون ڪري سگهي ٿو. واپڊا اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي موجودا صلاحيت وڌائي گهٽ ۾ گهٽ 120 ڏينهن تي آڻڻ ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button