پاڪستانسنڌ

راڌڻ ۾ ٽرينن جا اسٽاپ بحال ڪرائڻ لا شهرين جو احتجاجي ڌرڻو

راڌڻ: دادو-لاڙڪاڻو ريلوي سيڪشن تي بند ٿيل ريل گاڏيون بحال ڪرائڻ لا راڌڻ ۾ حسيني چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. خبر موجب راڌڻ شھر جي حسيني چوڪ تي سياسي، سماجي شخصيتن ممتاز علي سومرو، پرويز علي خانزاده، شمن لاکير، عابد علي وگهيو ۽ فهيم سولنگي جي اڳواڻي ۾ دادو-لاڙڪاڻو ريلوي سيڪشن تي ڪوٽڙي کان روھڙي ھلندڙ موھن جو دڙو، شھباز ۽ پيسنجر ٽرينون، ڪراچي کان پشاور ھلندڙ خوشحال خان خٽڪ ٽرين ڪوئئٽا کان ڪراچي ھلندڙ بولان ميل ۽ لاڙڪاڻو کان ڪوٽڙي ھلندڙ شاھنواز ٽرين ٻيھر ھلرائٔڻ لا احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي مظاھرين چيو ته ھن مھانگائي ۽ بيروزگاري جي دور ۾ ھو پنهنجي ٻچن جو پيٽ نٿا پالي سگهن ته ٽرانسپورٽرن جا ڳاٽي ڀڳا ڀاڙا ڪٿان ڀري سگھندا. ان ڪري بند ڪيل ٽرينون هلايون وڃن. ھنن مطالبو ڪيو ته بند ڪيل ٽرينون ھلائي روڊ تي ھلندڙ ٽرانسپورٽرن جي ظلم کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button