پاڪستان

اميد ته نئين فوجي قيادت قوم ۽ رياست وچ ۾ اعتماد جي کوٽ ختم ڪندي:عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جنرل عاصم منير ۽ جنرل ساحر شمشاد کي عهدا سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏنيون آهن. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽر تي جوائنٽ چيف ۽ آرمي چيف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي قائداعظم جي خطاب جون ڪجهه سٽون شيئر ڪيون. عمران خان ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ چيو ته رياست جي سگهه عوام مان حاصل ڪئي ويندي آهي، اميد آهي ته نئين قيادت اٺ مهينن ۾ قوم ۽ رياست وچ ۾ عدم اعتماد واري فقدان تي ضابطو آڻيندي. پي ٽي آءِ چيئرمين ٽوئيٽ ۾ قائداعظم جي تقرير مان چونڊ سٽون پڻ شامل ڪيون، جنهن موجب قائداعظم چيو ته پاليسي معاملا طئي ڪرڻ سويلين جو ڪم آهي، اِها فوج جي ذميواري آهي ته اوهان اهو ئي ڪم ڪريو جيڪو اوهان جي حوالي ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button