پاڪستانعالمي

انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جا اڌو اڌ رانديگر بيمار، پهريون ٽيسٽ هڪ ڏينهن ملتوي

پاڪستان جي دوري تي پهتل انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جا اڌو اڌ رانديگر پهرئين مئچ کان اڳ بيمار ٿي پيا، جنهن سبب پنڊي اسٽيڊيم ۾ مئچ اڄ بدران سڀاڻي شروع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. انگلينڊ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس سميت گهٽ ۾ گهٽ 8 رانديگرن کي بدهضمي ۽ طبيعت ۾ خرابي جون خبرون رپورٽ ٿيون هيون، جنهن سبب ٽيسٽ سيريز جي ٽرافي جي مهورتي تقريب پڻ ملتوي ڪئي وئي هئي. ذريعن موجب پهريون ٽيسٽ منسوخ ڪرڻ بابت فيصلو ڊاڪٽرن جي رپورٽ جي روشني ۾ گڏيل صلاح مشوري سان ڪيو ويو. ذريعن موجب انگلينڊ ٽيم جي رانديگرن ۽ عملدارن کي فوڊ پوائزننگ سميت وائرل انفيڪشن جي شڪايت آهي جنهن سبب انگلينڊ وٽ يارنهن فٽ رانديگر موجود نه آهن. ٻئي پاسي انگلش بورڊ رانديگرن جي صحت بگڙجڻ بعد پهرين ٽيسٽ جي حوالي سان وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي. انگلينڊ اينڊ ويلز بورڊ جي ترجمان موجب رانديگرن ۾ ڪرونا جون علامتون ظاهر نه ٿيون آهن ۽ رانديگر پنڊي ٽيسٽ کيڏڻ لاءِ تيار آهن، ڊاڪٽرن جو پئنل رانديگرن جو معائنو ڪري رهيو آهي، رانديگرن کي آرام ڪرايو ويو آهي جنهنڪري هو پريڪٽس جي سلسلي ۾ اسٽيڊيم ناهن آيا. ترجمان موجب رانديگرن کي وائرل انفيڪشن ٿيو آهي جيڪا معمول جي ڳالهه آهي. هوڏانهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ميزبان ٽيم انگلينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊ سان صلاح مشوري بعد مئچ هڪ ڏينهن لا ملتوي ڪري ڇڏي، پي سي بي موجب پهريون ٽيسٽ هاڻي خميس بدران جمعي جي ڏينهن شروع ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button