پاڪستان

ميمبر پورا آهن،پنجاب ۽ پختونخوا اسيمبلين ۾ بي اعتمادي رٿ آڻينداسين:آصف زرداري

پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنجاب ۽ خيبر پختونخوا اسيمبلين ۾ بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسيمبليون بچائڻ لا اسان وٽ ميمبرن جو انگ پورو آهي، رڳو ڪجهه گمراهه دوست آهن، جن کي واپس آڻڻو آهي، وقت کان اڳ چونڊون نه اسان لا بهتر آهن ۽ نه ئي جمهوريت لا سٺيون آهن، ڏسان ٿو ته هي ڪيترا ايم پي ايز کڻي اچن ٿا. خانگي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ آصف زرداري چيو ته عمران خان ننڍي سوچ جو مالڪ آهي، سندس سوچ سياسي ناهي، عمران خان جيڪو ڪري رهيو هو کيس روڪي ورتوسين، هو غلط فيصلا ڪري ها ته قوم کي ڏکيائي ٿئي ها، ڪجهه شيون اهڙيون آهن، جيڪي نٿو ٻڌائي سگهان، ڪجهه ڳالهيون نه ٻڌائڻ بهتر هوندو آهي، عمران خان ڪرڙي کان به ڊڄندو آهي، چونڊن کان اڳ گرفتار ٿي سگهي ٿو، نااهل به ٿي سگهي ٿو، عمران خان جو احتساب اسان نه پر نيب ڪندو. هن چيو ته حڪومت اتحادين جي هر خواهش تي ڪم ناهي ڪندي، اتحادي حڪومت ۾ ڪيترائي اختلاف ٿيندا آهن، پرويز الاهي سان هاڻ وڇوٽيون وڌي ويون آهن، پنجاب ۾ هو اسان جي چونڊ نه هوندو، اسان وٽ ٻيا به آپشن آهن، خيبر پختونخوا ۾ ڪجهه دوست گمراهه آهن، جن کي واپس آڻينداسين، اهڙو طريقو استعمال ڪنداسين جو اسيمبلي به نه ٽٽي، جيڪڏهن عمران خان اسيمبليون ٽوڙيندو ته اسان اتي ٻيهر اليڪشن ۾ مقابلو ڪنداسين، نه ٽوڙيندو ته پوءِ اپوزيشن ڪندا رهنداسين، ڪجهه دوست واپس آڻينداسين، ڏسون ته اوهان ڪيئن ٿا ايم پي ايز ٺاهيو؟ مون وٽ نه رڳو پنجاب اسيمبلي بچائڻ لاءِ ميمبرن جو جهجهو انگ آهي پر خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ به ڪو جادو هلائي سگهان ٿو، اليڪشن ۾ کٽڻ يا هارائڻ جمهوريت جو حصو آهي، سياست ۾ ڪاميابي ۽ ناڪامي ٿيندي رهندي آهي، حڪومت تبديل ٿيڻ سان ڪجهه ناهي ٿيندو، جيترا به مسئلا اچن جمهوريت اوتري مضبوط ٿيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هاڻوڪي آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ذاتي طور نٿو سڃاڻان، هو سڀني کان سينيئر هو، ان لاءِ آرمي چيف بڻجي ويو، اڳوڻي آرمي چيف ڪڏهن مون کي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو نه چيو، هن ڪڏهن اسان سان گڏ ويهي نه ڳالهايو، نئين آرمي چيف جي مقرري ميرٽ تي ٿي آهي، وزيراعظم کي فيصلي جو مڪمل اختيار ڏنو هو، نظرياتي اختلاف باوجود شهباز شريف کي ڇڏي نٿا سگهون. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ سان لاڳاپا خراب نٿا ڪرڻ چاهيون، سڀني سان ڀائراڻا لاڳاپا چاهيون ٿا، 25 هزار ماڻهو گڏ ڪندڙ مقبول ناهي هوندو، پنجاب ۾ ڪمزوريون ختم ڪنداسين، اتي عمران خان جي مقابلي لاءِ تيار آهيون، اسان کي پنهنجي معيشت بهتر ڪرڻي آهي، معيشت بهتر ڪرڻ ۾ وقت لڳندو آهي، ٿر ۾ اسان وٽ ڪوئلو آهي، چين ڪوئلي مان گئس ٺاهيندو آهي، چين کي ڪوئلو ڏئي گئس ۽ يوريا حاصل ڪري سگهجن ٿا، ان سان هتي اگهه پاڻمرادو گهٽجي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button