پاڪستانپنجاب

پي ڊي ايم ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي نه جرئت آهي، نه ئي اڪثريت:پرويز الاهي

پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي چيو آهي ته پي ڊي ايم نااهلن جو ٽولو آهي، انهن ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي جرئت آهي نه ئي وٽن اڪثريت آهي. پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ واري معاملي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي پنهنجن اتحادين سان مشاورت جو سلسلو جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ پرويز خٽڪ جي اڳواڻي ۾ وفد پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ ق ليگ جي ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هاڻوڪي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پرويز الاهي پرويز خٽڪ کي مخاطب ڪندي چيو ته هو هر طرح سان تيار ۽ عمران خان گڏ بيٺو آهي ۽ بيٺو رهندو، عمران خان جڏهن کيس حڪم ڏيندو ته هو اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو. ان موقعي تي هن وفاقي سرڪار کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پي ڊي ايم نااهل ماڻهن جو ٽولو آهي، اپوزيشن جو هر حربو ناڪام بڻائينداسين. ملاقات ۾ چوڌري پرويز الاهي چيو ته 13 جماعتن وٽ نه اڪثريت آهي ۽ نه ئي منجهن ايتري جرئت آهي جو هو بي اعتمادي رٿ پيش ڪري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button