پاڪستان

تحريڪ انصاف جي اعليٰ سطحي ڪميٽي 20 ڊسمبر تي اسيمبليون ٽوڙڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

تحريڪ انصاف جي اعليٰ سطحي ڪميٽي صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ واري معاملي تي پنهنجون سفارشون تياري ڪري ورتيون آهن. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميان اسلم اقبال، محمود الرشيد، حماد اظهر ۽ اعجاز چوڌري سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي ميمبرن طرفان 20 ڊسمبر تائين اسيمبليون ٽوڙڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پنجاب سان واسطو رکندڙ ڪجهه ميمبرن صلاح ڏني ته اسيمبليون ٽوڙڻ ۾ تڪڙ نه ڪئي وڃي. ذريعن موجب ميمبرن راءِ ڏني ته سياسي ڪارڊز کيڏندي ٽائيمنگ کي ڌيان ۾ رکيو وڃي، اسيمبليون تڏهن ٽوڙيون وڃن جڏهن وفاق ۽ ٻين صوبن جون اسيمبليون ٽوڙڻ لاءِ دٻاءُ وڌي سگهي، هن وقت تڪن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ اربين رُپين جي ماليت جا ٽينڊر جاري ٿي چڪا آهن ۽ ڪيئي حڪومتي رٿائون آخري مرحلن ۾ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي جي سفارشن تي پارلياماني بورڊز جي اجلاسن بعد تاريخ جو حتمي فيصلو عمران خان ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button