پاڪستانعالمي

ملڪ ٽٽڻ جو سبب جمهوريت جي اڻهوند ۽ آمراڻي حڪومت هئي:جسٽس فائز عيسيٰ

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس فائز عيسيٰ چيو آهي ته آئيني ڪردار ۽ جمهوريت ئي ملڪ جو بنياد آهي، 1973ع ۾ ملڪ کي آئين مليو جيستائين آئين رهندو ملڪ به رهندو، ملڪ ٽٽڻ جو سبب جمهوريت جو فقدان ۽ آمراڻي حڪومت هئي. هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا ۾ پاڪستان جي 75 ورهين جي عنوان سان ڪوٺايل ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته ملڪ ٽٽڻ جو سبب جمهوريت جو نه هجڻ ۽ آمراڻي حڪومت هئي، تاريخ ٻڌائي ٿي ته آمراڻيون حڪومتون صحافت جي آزادي ۽ اظهار کي گهٽو ڏينديون آهن. هن چيو ته ڪنهن قسم جي پابندين جو اثر به جمهوري حڪومتن تي گهڻو ٿئي ٿو، جج طور ڪنهن تبديلي جي تجويز نٿو ڏئي سگهان، آئين ۾ تبديلي پارليامينٽ جو ڪم آهي. هن چيو ته دهشتگردي مان جج به متاثر ٿيا، قرآن پاڪ چوي ٿو ته اقراء مطلب پڙهو ۽ ان ۾ فرق ناهي ڪيو ويو پر مذهب جو غلط استعمال ڪيو ويو ته ڇوڪرين کي تعليم ناهي ڏيڻي. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته هاءِ ڪورٽن ۽ سپريم ڪورٽ جو ڪم آهي ته بنيادي حقن جو تحفظ ٿئي. هاءِ ڪورٽون ۽ سپريم ڪورٽ اهو يقيني بڻائين ته هي حق کسي نه سگهجن، پاڪستان ۾ حڪومت جي ڪوشش هوندي آهي ته ڪيئن پنج سال گذاري سگهجن انهي ڪري گورننس تان ڌيان هٽي وڃي ٿو وڏن مسئلن تي ڪم نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته آمريڪي سپريم ڪورٽ 100 سال پراڻن گن ڪنٽرول ڪيسن تي فيصلن تي تبديل ڪري ڇڏيو، آمريڪا ۾ ڪيل فيصلن سان ٻين ملڪن ڏانهن پيغام وڃي ٿو آمريڪا ۾ ٿيندڙ تبديلين جو اثر عالمي سطح تي ٿئي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button