پاڪستانپنجاب

پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جون تياريون،عمران سان پرويز الاهي جي ملاقات،پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي، جنهن دوران صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا ويا پر ٻئي اڳواڻ ڪنهن حتمي فيصلي تي نه پهتا. ٻئي پاسي عمران خان پي ٽي آ پنجاب جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ پنجاب اسيمبلي جي مستقبل بابت حتمي صلاح مشورو ڪيو ويندو، اجلاس بعد اسيمبلي ٽوڙڻ بابت حتمي تاريخ سامهون اچڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب پرويز الاهي ملاقات دوران عمران خان کي خاطري ڪرائيندي چيو ته اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ جڏهن به چوندئو ته هڪ منٽ به دير نه ڪندس. هن چيو ته غلط فهمي پيدا ڪندڙ ماضي وانگر هاڻي به ناڪام ٿيندا، اپوزيشن ڀلي بي اعتمادي رٿ جو شوق پورو ڪري، هن ڀيري به کين شڪست ملندي، اپوزيشن سجاڳي ۾ به خواب ڏسي رهي آهي، پنجاب اسيمبلي جو اجلاس جاري رهي ته گورنر راڄ نٿو لڳي سگهي، اپوزيشن کي ڳالهائڻ کان اڳ رولز آف بزنس پڙهڻ گهرجن، پنجاب اسيمبلي ته ڇا عمران خان لاءِ جان به حاضر آهي، پي ڊي ايم جيڪو ٻِج ڇٽيو، اڄ اُن جو فصل لڻي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button