پاڪستانرانديون

راولپنڊي ٽيسٽ: پهرين ڏينهن 4 سينچريون، 506 رنسون، انگلينڊ ڪرڪيٽ جي نئين تاريخ لکي ڇڏي

انگلينڊ ٽيم راولپنڊي ٽيسٽ ۾ پهرين ڏينهن پاڪستان خلاف صرف 75 اوورن ۾ 4 رانديگرن جي سينچرين سان 506 رنسون ٺاهي ڪرڪيٽ جي نئين تاريخ لکي ڇڏي آهي، هڪ ئي ڏينهن اندر 500 رنسن جو جبل پار ڪرڻ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پهريون مثال آهي. پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ راولپندي جي ميدان تي پهريون ٽيسٽ ٻنهي ٽيمن جي رضامندي سان ڪالهه مقرر ڏينهن تي شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ انگلينڊ جي ڪپتان بين اسٽوڪس ٽاس کٽڻ بعد پهرين بئٽنگ جو فيصلو ڪيو ته اوپنر بين ڊڪيٽ ۽ ڪرالي ڊبل سينچري جو مضبوط بنياد فراهم ڪيو، ٻنهي 233 رنسن جي ڀائيواري ڪئي، زيڪ ڪرالي 122، بين ڊڪيٽ 107، اولي پوپ 108 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته چوٿون سينچري هڻندڙ بيٽر هيري بروڪ 101 رنسن سان ڪريز تي موجود هو، جڏهن ته ڪپتان بين اسٽوڪس بھ 34 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان طرفان ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ دادو واسي ليگ اسپنر زاهد محمود 2 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جڏهن ته حارث رئوف ۽ محمد علي هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ياد رهي ته ان کان اڳ 1910ع ۾ آسٽريليا جي ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف سڊني ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن 494 رنسون ٺاهيون هيون، اهو عالمي رڪارڊ 112 سال برقرار رهيو، جنهن کي ڪالهه انگلينڊ ٽيم ٽوڙي ڇڏيو آهي. آسٽريليا جي ئي ٽيم 2012ع ۾ ايڊيليڊ جي ميدان تي ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن 482 اسڪور ڪيو هو. انگلينڊ ٽيم 1934ع ۾ آسٽريليا خلاف اوول ٽيسٽ ۾ 475 رنسون ۽ 1936ع ۾ ڀارت خلاف اوول جي ميدان تي پهرين ڏينهن 471 رنسون ٺاهيون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button