پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس ۽ ٻوڏ متاثرن جا فنڊ به نه ڇڏيا: اسد عمر

ڪراچي: پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ سنڌ جي اعليٰ قيادت جو اجلاس پي ٽي آئي سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف سنڌ جو صدر علي زيدي، جنرل سيڪريٽري مبين جتوئي، اڳوڻا وڏا وزير غوث علي شاهه، لياقت جتوئي، اڳوڻو سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ، سينيئر اڳواڻ فردوس شميم نقوي، سدره عمران، سنجي گنگواني، آغا ارسلان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايندڙ چونڊن ۽ سنڌ جي هاڻوڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اسد عمر چيو ته سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس ۽ ٻوڏ متاثرن جا فنڊ به نه ڇڏيا. صوبائي حڪومت سنڌ ۾ رڳو ڪرپشن ڪري رهي آهي، موٽروي منصوبي ۾ ميگا ڪرپشن سامهون اچي چڪي آهي. انشا الله سنڌ حڪومت جي ڪرپٽ ۽ جاگيرداڻي حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ ايندڙ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف پاڪستان پيپلزپارٽي جي تڏا ويڙهه ڪرائي ڇڏيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button