پاڪستانسنڌ

ڪوڙا ڪيس ڪري شاگرد سياست کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي: زين شاهه

ڪراچي: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھه سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن سياف مرڪزي صدر زيب جتوئي، سياف سنڌ يونيورسٽي جي صدر امر آڪاش لاکو، مزمل عباسي، ارسلان آريسر سميت 300 ڄڻن تي يونيورسٽي اندر ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ جي ڏوهھ ۾ انتظاميه طرفان داخل ڪيل ايف آ آر جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته سنڌ دنيا جو واحد خطو آھي جتي پنھنجي ثقافت سان محبت ڪرڻ به ڏوھ بڻجي ويو آھي ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ سيد زين شاھه چيو ته پرامن شاگردن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري شاگرد سياست کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي جيڪا سنڌ حڪومت جي کليل بدمعاشي آھي سنڌ حڪومت شاگرد سياست مان خوفزده ٿي اھڙا حربا ھلائي رھي آھي پر سنڌ حڪومت جون اھڙيون حرڪتون شاگرد سياست کي خاموش نٿيون ڪري سگھن ھن وڌيڪ چيو ته گذريل سال به ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ جي ڏوهھ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا جن کي عدالت ڪوڙو ڄاڻائيندي شاگردن کي بري ڪري ڇڏيو،قوم جي نوجوانن کي نشانو بنائڻ واري سنڌ جي صوبائي حڪومت کي اقتدار ۾ رھڻ جو ڪو به حق ناھي ھن وڌيڪ چيو ته انتظاميه ھر سال اھڙا عمل ورجائندي ھٿ سان سنڌ يونيورسٽي جو ماحول خراب ڪري رھي آھي ثقافتي جشن تي ڪابه پابندي نه ھجڻ گھرجي سيد زين شاھه مطالبو ڪندي چيو آھي ته فوري طور سنڌ يونيورسٽي جي سمورن شاگردن تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري يونيورسٽي جي ماحول سازگار بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button